پڳِي پيري

پَڳِي/ پيري: پڳي لفظ، پير مان نڪتل آهي. پڳي پيرو کڻندا آهن. سنڌي پڳين کي پيرا کڻڻ ۽ سڃاڻڻ جي خداداد ڏات آهي. هو رستي تي هلندي چوري ٿيل اُٺ يا روپوش چور جو پيرو، ڏوهه واري وقت کان ورهيه پوءِ به سڃاڻي جوابدار کي ماڻهن جي ميڙ مان به هٿ ڪري وٺندا آهن. چوري ٿيل ڍور کي به ساڳيءَ طرح لهندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو